ڀورو ڪينئون

ڀورو ڪينئون: ڀورو ڪينئون ، گاهه جي ڪينئن وانگر واهن ۽ واهڙن جي ڪپن تي آلي مٽيءَ ۾ ٽُنگ ڪري انهن ۾ پيدا ٿيندو آهي ۽ انهن ۾ رهندو آهي . گاهه جا ڪينئان ننڍا هوندا آهن ، پر ڀورا ڪينئان وڏا هوندا آهن . اٽڪل چار پنج انچ ٿيندا آهن . اُس نڪرندي آهي ته هي ڪينئان پنهنجي ٻرن مان نڪري ٻاهر ايندا آهن ۽ آلاڻ ڇڏي سوڪ تي رڙهندا آهن . هي اهڙا ڀيانڪ هوندا آهن جن کي ڏسي ڊپ ٿيندو آهي . پر سندن بت اهڙو ڪونئرو ٿيندو آهي جو ڪنهن شئي سان رهڙجي اڌ ٿي پوندا آهن . ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ جو مٿن پير اچڻ سان به ٽڪر ٿي پوندا آهن ، ۽ هر ٽڪر مڪمل ڪينئن وانگر هلڻ لڳندو آهي . ڀورن ڪينئن جا جيڪڏهن ٻه ، چار ٽڪر ڪجن ته هڪ ٽڪر پنهنجي ليکي هڪ ننڍڙو ڪينئون بنجي پوندو آهي ۽ اهي سُرندا رهندا آهن ۽ مرندا نه ، پر ساڳئي رنگ ڍنگ سان سُرندا رهندا .


لفظ ڀورو ڪينئونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو